خوش محمد خاطي مفتي

خوش محمد ’خاطي‘، مفتي: مفتي خوش محمد ولد سچيڏني مفتيءَ 1861ع ڌاري شڪارپورشهر ۾ جنم ورتو. سندس وڏا عالم ۽ فاضل هئا، جن جي شڪارپور شهر ۾ سٺي مڃتا هئي، شڪارپور جو هڪ پاڙو صدين کان ’مفتين جو دالو‘ سڏبو اچي ٿو، انهيءَ محلي ۾ مفتين جا گهر ۽ حويليون آهن، ان پاڙي ۾ مفتين جو هڪ مدرسو به قائم هو، جنهن ۾ شهر جا ماڻهو علم حاصل ڪندا هئا. مفتي خوش محمد ’خاطي‘ به ان ئي مدرسي ۾ پڙهيو ۽ اتان ئي فارغ التحصيل ٿيو. هو نهايت ئي ذهين ۽ باصلاحيت انسان هو. پاڻ مدرسي ۾ تعليم ڏيندو هو ۽ مفتين جي مسجد جو امام هو. خوش محمد خاطي، آخوند عبدالقادر ’بيدل‘ ۽ مير علي نواز علويءَ جي زماني جو شاعر هو. شمس الدين ’عاصي‘، مفتي خوش محمد خاطيءَ جي غزلن جو تتبع ڪيو آهي، مفتي خوش محمد خاطيءَ جو ڪلام هفتيوار اخبارسنڌ سڌار‘ ۾ شايع ٿيندو رهيو آهي. شڪارپور جي هن مشهور غزل گو شاعر، 14 آگسٽ 1869ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو